Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
غَيرُالله کان مدد گھرڻ ڪيئن؟
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! اسان کي مشڪلن کان نجات ڏيڻ واري رَبّ جي ذات کان علاوه ڪنهن غير کان مدد گھرڻ بلڪل جائز عمل آهي، شريعت ۾ هن جي ڪٿي به ممانعت موجود نه آهي بلڪ الله پاڪ جي علاوه ٻين کان مدد گھرڻ جو ثبوت موجود آهي جڏهن ته عقيدو اهو هئڻ گھرجي ته الله ڪريم جا نبي سڳورا عَلَيهمُ الصَّلَاةُ وَالسَّلَام ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهمُ الله تَعاليٰ ان جي عطا سان مدد ڪن ٿا۔ جيڪي ماڻهو هن طرح جون ڳالهيون ڪن ٿا ته صرف ربِّ ڪريم ئي کان مدد گھرڻ گھرجي، انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلَاةُ وَالسَّلَام ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهمُ الله السَّلَام کان مدد نه گھرڻ گھرجي، هي انهن تي شيطاني وار هوندو آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ ڪڏهن ڪڏهن انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلَاةُ وَالسَّلَام ۽ اولياءِ عِظام رَحِمَهمُ الله السَّلَام جي توهِين به ڪري ويهندا آهن ۽ توهِينِ انبياء جي سبب سڌو ڪفر ۾ وڃي پوندا آهن۔ هن وسوسي (Suspicion) جي ڪاٽ جي لاءِ اها ڳالھ ذهن ۾ ويهاريو ته حقيقتاً مدد ڪرڻ صرف الله پاڪ جي ذاتِ پاڪ سان ئي خاص آهي۔ ان جي عطا جي بغير ڪو ذرّو به فائدو نٿو ڏئي سگھي، ها ان جي عطا سان ان جا مُقرَّب ٻانها يا ٻيا جاندار ۽ بي جان شيون ”نفعي ۽ نقصان“ جون مالڪ ٿي سگھن ٿيون جيئن ته سيپارو 1 سُوْرَۃُ الْبَقَرَه آيت نمبر 45 ۾ ربِّ ڪريم جو ارشاد آهي:
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ- ترجمو ڪنزالايمان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو۔ (پ 1 البقرة 45)
ٿورو غور ڪريو! تمام مخلوق کي پيدا ڪرڻ وارو رَبّ خود حڪم فرمائي رهيو آهي ته صبر ۽ نماز کان مدد گھرو۔ هاڻي جيڪڏهن الله ڪريم جي علاوه مدد گھرڻ ناجائز هجي ها ته الله پاڪ اهو حڪم ڇو اِرشاد فرمائي ها ته صبر ۽ نماز کان مدد گھرو! ڇوته صبر ۽ نماز خدا نه آهن بلڪ غيرِ خدا