Book Name:Huzor ka bachpan

خيمي ۾ آڻي جڏهن پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها کير پيئارڻ ويٺيون ته رَحمت جي مِينهن جيان نُبوَّت جون برڪتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون، خدا عَزَّ وَجَلَّ جي شان ته ڏسو  جو حضرت سيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جن کي ايتري قدر کير ٿيو جو رحمتِ عالَمِيان، شفيعِ مُجرِمان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن رَضاعي ڀاء به خوب پيٽ ڀري کير پيتو ۽ ٻئي آرام سان سمهي پيا۔ هوڏانهن ڏاچيءَ کي ڏٺو ته ان جا ٿڻ به کير سان ڀرجي ويا هئا، حضرت سيدَتُنا حليمه سعديهرَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جي مڙس ان جو کير ڏُهڌو ۽ ٻنهي زال مڙس خُوب پيٽ ڀري کير پيتو ۽ سڄي رات سُک ۽ چين سان سمهڻ نصيب ٿيو۔

      حضرت سيّدَتُنا حليمه سَعدِيه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جو مڙس، سرڪارِ ذي وقار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون اهي برڪتون ڏسي حيران رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو: حليمه! تون وڏو برڪت وارو ٻار آندو آهي، حضرت سيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها چيائون ته واقعي مون کي به اِها ئي اُمّيد آهي۔(سيرت حلبيه، باب ذڪر رضاعه ومااتصل به،۱/۱۳۲، مُسْنَدِ ابي يعلٰي، مسند ام سلمۃزوج النبي، حديث حليمۃبنت ابي الحارث،۶/۱۷۱، حديث:۷۱۲۷)

یہ کہتی تھی گھر گھر میں جاکر حلیمہ

 

میرے گھر میں خَیْرُالْوَریٰ آگئے ہیں

بڑے اَوْج پر ہے میرا اب مُقَدَّر

 

میرے گھر حَبِیْبِِ خُدا آگئے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

وُجودِ مُصطَفٰي جون حيرت انگيز برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وُجودِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بَرڪتن جي ڪا انتها ئي ناهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سَيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جي گھر کي پنهنجي آمد جو شرف ڇا بخشيو هر پاسي بهار اچي وئي، سندن وجودِ مسعود جي برڪتن مان نه رڳو حضرت سَيدَتُنا حليمه سعديه