Book Name:Huzor ka bachpan

      صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهري مبارڪ تي مُرڪ اچي وئي ۽ پنهنجون ننڍڙيون اکيون کولي ڇڏيون ۽ مون کي ڏسڻ لڳا، جيئن ئي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون ڏانهن نگاھ وڌي، سندن مبارَڪ اکين مان هڪ نُور نڪتو، جيڪو آسمان ڏانهن پرواز ڪري ويو۔ مون شوقِ مَحَبَّت وچان پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻنهي چشمانِ ڪرَم جي درميان (يعني پيشاني تي) چمي ڏني۔ (مدارِجُ النُّبُوَّۃ، قسم اول، باب اول، بيان حسن خلقت،۲/۱۹ملخصاً)                          اعلي حضرت جو شعر

کٓ گیسو ہٰ دَہن یٰ اَبرو آنکھیں عٓ  صٓ

 

کٓہٰیٰعٓصٓ اُن کا ہے چہرہ نور کا

(حدائقِ بخشش،ص۲۴۹)

مختصر وضاحت: کٓهٰيٰعٓصٓ سُوره مريم جي آغاز ۾ حروفِ مُقطّعات آهن، انهن جي هڪ عاشقانا تعبير ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: ڪاف مان مُراد حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا گيسو (يعني وار) مُبارڪ آهن ته جهڙي نموني ڪاف مخصوص حلقي ۽ دائري جيان هوندو آهي،اهڙي طرح گيسوءِ مصطفيٰ به هڪ دلڪش حلقي جي شڪل ۾ آهن، ’’هٰ‘‘ مان دهنِ مصطفيٰ مُراد آهي ته جهڙي طرح ’’هٰ‘‘ وات جيان گول هوندي آهي، اهڙي طرح دهنِ مصطفيٰ به حسين گولائي ۾ آهي، يٰ مان ڀرون مصطفٰي مُراد آهن ته يٰ جي صُورت به ڀرون جيان هوندي آهي، ع ۽ ص مان حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين ڏانهن اشارو آهي ته انهن جون شڪلون به اکين سان ملندڙ جُلندڙ آهن، مطلب ته ٓکهٰيٰعٓصٓ ۾ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشن چهري کي بيان ڪيو ويو آهي۔

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً هي الله عَزَّ وَجَلَّ جو فضلِ عظيم ئي هو جو حضرت سيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جي سُتل قسمت بيدار ٿي وئي ۽ سروَرِ ڪائنات، شاھ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي آغوش ۾ اچي ويا۔ پنهنجي