Book Name:Huzor ka bachpan

روئيندو رهندو هو ۽ اسان ان جي دِلجُوئي ۽ دِلداري جي لاءِ سڄي رات ويهي گُذاريندا هئاسين۔ هڪ اُوٺڙي به اسان وٽ هئي، پر ان ۾ به کير نه هو۔ مَڪه مُڪرَّمه جي سَفَر ۾ جنهن خچر تي آئون سُوار هئس، اهو به ايتري قَدر لاغَر(ڪمزور) هو جو قافلي وارن سان گڏ هلي نه سگھندو هو منهنجا ساٿي به ان مان تنگ اچي چڪا هئا۔ وڏي مُشڪلن سان هي سَفَر طي ٿيو (۽ اهو قافِلو مڪي پهچي ويو ۽ قبيلهءِ بني سَعد جي عورتن کير پيئارڻ جي لاءِ گھر گھر وڃي ٻارن جي ڳولها شُروع ڪئي ۽ انهن سڀني عورتن کي کير پيئارڻ جي لاءِ ٻار ملي ويا، پر حَضرتِ حليمه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها کي کير پيئارڻ جي لاءِ ڪو ٻار نه ملي سگھيو، ڪافي دير تلاش ڪرڻ کان بعد نيٺ حضرت سَيدَتُنا حليمه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جي ستل قسمت بيدار ٿي پئي ۽ سَرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن آغوش ۾ اچي ويا۔ (سيرتِ مصطفٰے،ص۷۳)

الله الله سندن ننڍپڻ جا ڏينهن

حضرت سيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جڏهن حُضور پُرنورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي وٺڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مڪان ِعاليشان تي پهتيون ته فرمائن ٿيون: مون ڏٺو ته حُضور پُرنور، شافِعِ يومُ النُّشور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کير کان به وڌيڪ سفيد اُوني ڪپڙي ۾ ويڙهيل آهن، مُشڪ ۽ عنبر جون خوشبوئون اچي رهيون آهن، سبز رنگ جو ريشمي ڪپڙو هيٺ وڇايل هو، پُٺي ڀر آرام فرمائي رهيا هئا۔

حضرت سَيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون: مون چاهيو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ننڊ مان بيدار ڪيان پر مان ته اوهان جي حُسن ۽ جمال ئي ۾ گم ٿي ويس۔ پوءِ مون آهسته کان ويجھو ٿي پنهنجن هٿن تي  کڻي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سيني تي هٿ رکيو ته پاڻ