Book Name:Huzor ka bachpan

سيدَتُنا حَليمه سَعدِيه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جي حصّي ۾ آئي۔ (سيرتِ رسولِ عربي،ص۵۹) جِن خُوش نصيب بيبين پياري آقا،حبيبِ ڪبرياصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي کير پيئارڻ جو شرف حاصل ڪيو۔ ان ۾ حضرت سيدَتُنا اُمِّ اَيمنرَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جو مُبارَڪ نالو به شامل آهي ۔(سيرۃ حلبيه، باب ذڪر رضاعه ومااتصل به، ۱/۱۲۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جن خُوش قِسمت بيبين پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي کير پيئارڻ جو شرف حاصل ڪيو، انهن سڀني عورتن کي ايمان جي دولت نصيب ٿي ۔

حضرت سَيدُتناحليمه سَعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها ايمان جي دولت کان عِلاوه وڌيڪ جن برڪتن سان مالامال ٿيون۔ اچو! ان جي باري ۾ پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ شريف ۾ ٿيڻ وارا ڪجھ واقعا ٻڌون۔

شيخُ الحديث حضرت علامه عَبدُالمصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي ڪتاب" سِيرَتِ مصطفٰي" ۾ لکن ٿا: شُرَفاء عَرَب جي عادت هئي ته هو پنهنجن ٻارن کي کير پيئارن جي لاءِ آس پاس جي ڳوٺن ۾ موڪلي ڇڏيندا ها، ڳوٺ جي صاف سُٿري آب هوا سبب ٻارن جي تَندُرُستي ۽ جِسماني صِحَّت به سٺي ٿي ويندي هئي ۽ هو خالِص ۽ فَصيح عَرَبي زبان به سِکي ويندا هئا، ڇوته شهر جي زبان ٻاهر جي ماڻهن سان مَيل جَول سان خالِص ۽ فَصِيح و بَلِيغ زبان نه رهندي هئي۔ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي کير پيئارڻ جي سَعادَت حَضرتِ سَيدَتُنا حَلِيمَه سَعدِيه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها کي حاصِل ٿي ۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي کير پيئڻ واري عمر جا مُعجِزا بَيان ڪندي فرمائن ٿيون۔ مان ”بني سَعد“ جي عورتن سان گڏ کير پيئڻ وارن ٻارن جي ڳولها ۾ مڪي ڏانهن هليس، منهنجي هنج ۾ هڪ ٻار هو، پر غربت ۽ فاقي جي ڪري مون ۾ ايترو کير نه هو، جو ان کي ڪافي ٿي سگھي۔ سڄي رات اهو ٻار بُک سبب تڙپندو ۽