Book Name:Huzor ka bachpan

هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوي ضيائي دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101 مدني گل مان هٿ ملائڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه (2) فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪيو: v جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي درميان  سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان نوي90 رحمتون زياده گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔(معجم اوسط،۵/۳۸۰ ،رقم: ۷۶۷۲) v جڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن ۽ نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي درود پاڪ پڙهندا آهن ته انهن ٻنهي جي جدا ٿيڻ کان پهريان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا آهن۔ (شعب الايمان،۶ /۴۷۱ ، حديث: ۸۹۴۴)

v ٻن (2)مسلمانن جو ملاقات جي وقت سلام ڪري ٻنهي هٿن سان مُصافحو ڪرڻ يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنّت آهي۔ v موڪلائڻ وَقت به سلام ڪيو ۽ هٿ به ملائي سگھو ٿا۔ v هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛ ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرماءِ)  vٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنشآءَاللهعَزَّوَجَلَّ قبول ٿينديون۔ هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔ ۔اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ (مسند احمد،۴/۲۸۶، حديث: ۱۲۴۵۴) v ٻنهي طرفن کان هڪ هڪ هٿ ملائڻ سنّت ناهي، مصافحو ٻنهي هٿن سان ڪرڻ سنّت آهي ۔v ڪي ماڻهو صرف پاڻ ۾ آڱريون ملائيندا آهن، اهو به سنّت نه آهي v هٿ ملائڻ کان پوءِ پنهنجو هٿ چُمڻ مڪروهه آهي۔۔(بهارِ شريعت، حصّه ۱۶،۳/۴۷۲بتغير قليل)   v جيڪڏهن