Book Name:Huzor ka bachpan

قسمت جو حال ٻڌائڻ واري) وٽ ويس ۽ ان کي ٻڌايو ته مون رات خَواب ۾ هڪ وڻ ڏٺو، جنهن جي اُوچائي آسمان تائين ۽ ٽاريون اولھ اوڀر تائين پکڙيل آهن  وڻ مان نڪرندڙ نُور جي چمڪ ڌَمڪ سج جي روشني کان سَتّر70 دفعا وڌيڪ آهي۔ اُن جي اڳيان عرَب ۽ عجم جھڪي رهيا آهن ۽ اُن جي عظمت، نُور ۽ بلندي ۾ هر گھڙي اِضافو ٿي رهيو آهي۔ هڪ لمحي هو لڪي ويندو آهي ته ٻئي ئي لمحي ظاهر ٿي ويندو آهي۔ قُريش جي هڪ جماعت ان جي ٽارين سان چمٽيل آهي جڏهن ته ٻي جماعت ان کي ڪٽڻ چاهي ٿي۔ جيئن اها جماعت ان کي ڪٽڻ جي لاءِ ويجھو پهتي ته هڪ نوجوان اُنهن کي پڪڙي ورتو، ان جهڙو حُسن ۽ سونهن جو پيڪر ۽ نَظافت ۽ خُوشبو سان مُعَطَّر نوجوان مون ڪڏهن ناهي ڏٺو، پوءِ ان خوب رُو (خوبصورت) نوجوان ان جماعت جي ماڻهن جون چيلهون ڀڃي  ۽ اکيون  ڪڍي ڇڏيائين۔

مون وڻ جو ڦل پٽڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ اڳتي ڪيو پر ڪجھ نه پٽي سگھيس۔ آخرڪار مون پڇيو ته ان جو ڦل ڪير وٺي سگھي ٿو؟ جواب مليو: صِرف اهي ماڻهو جيڪي مَضبُوطي سان چِمٽيل آهن۔ پوءِ  خوف واري  حالت ۾ منهنجي اک کلي پئي _حضرت عبدُ المُطَّلِب رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته مون ڪاهن جي چهري کي ڏٺو ته ان جو رنگ اُڏامي چڪو هو، پوءِ ان تعبير بيان ڪندي چيو: جيڪڏهن تنهجو خواب سچّو آهي ته تنهجي ئي پٺيءَ مان هڪ اهڙو فَرزَند پيدا ٿيندو جيڪو اولھ ۽ اوڀر جو مالِڪ ٿيندو ۽ هڪ مخلوق ان جون خوبيون ڏسي ان سان وابَسته ٿي ويندي۔   (خَصائِص ڪبرٰي،باب رؤيا عبدالمطلب،۱/۶۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت عَبدُالمطلب رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جنهن نُور کي خَواب ۾ ڏٺو هو 12ربيعُ الاول شريف بَمُطابِق 20اپريل 571 سومر جي ڏينهن صُبحِ صادِق جي روشن ۽ مُنوَّر سُهاني گھڙي ۾ اسان جي پِياري آقا، حبيبِ ڪبريا