Book Name:Huzor ka bachpan

المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي. [1]    

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

& نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس & ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس & ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس & ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس & صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس & بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سيدُنا عبدُ المُطَّلِب جو خواب

تمام وڏي عاشقِ رسول حضرت سيدُنا اِمام جَلال الدِّين سُيوطي شافِعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جنهن بيداري ۾ 75 ڀيرا رسولِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه لکن ٿا: (پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا محترم ڏاڏا) حضرت عبدُالمُطَّلِب  رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه بيان ڪن ٿا ته (هڪ ڀيري) آئون حجرِ اَسود وٽ سُتل هئس ته مون هڪ ڀوائتو خواب ڏٺو، جنهن سبب مون کي تمام گھڻي گھٻراهٽ ٿي، پوءِ مان هڪ قُريشي ڪاهن (يعني


 

 



[1] (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)