Book Name:Aashiqon ka Hajj

آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽
چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث؛ 4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪاش! مٿي جي ٻَل تي هلي اچان ها!

منقول آهي ته حضرت عبدُاللہ اِبنِ مَسروق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه (جيڪي خليفي) هارونُ الرشيد جا وزير (هئا، انهن کي) جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ توبھ جي توفيق عطا فرمائي ته اُهي گناهن کان توبھ ڪري مڪّي شريف جي لاءِ روئيندي پنڌ پيرين اُگھاڙي روانا ٿيا. جڏهن حرم جي شيخن (پيشوائن) ٻڌو ته وزير مڪي ۾ پهچڻ وارا آهن، انهن کي سلام ڪرڻ جي لاءِ مڪّهء مڪرّمه (زَادَهااللّٰه شَرَفًا وَّ تَعْظِیْمًا)کان ٻاهر جمع ٿيا انهن ڏٺو ته وزير صاحب جي شڪل ۽ صورت تبديل آهي، وار وکريل ۽ ڌُوڙ ۾ ڀريل، جسم ۽ چهرو نهايت ميرو