Book Name:Aashiqon ka Hajj

وہی سر برسرِ محشر بلندی پائے گا جو سر

یہاں دنیا میں ان کے آستانے پر جھکا ہوگا

(وسائل ِ بخشش ،ص: ۱۸۲)

بيان جو خلاصو!

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان ٻڌو ته عاشقانِ رسول جو حج جو سفر ڪرڻ جو انداز ڪهڙو هوندو هو. اهي جڏهن سفر جي لاءِ روانا ٿيندا هئا ته نهايت رقتِ قلبي سان گڏ، پنهنجي گناهن کي ياد ڪندي، ان مقدس بارگاھِ ۾ حاضر ٿيندا هئا. لباس ڦاٽل، مٿو مٽي سان ڀريل، فقيرن مسڪينن جهڙي صورت بڻائي اهي ان دربارِ عاليشان ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ حديثِ پاڪ ۾ به اها ئي ترغيب ڏياري وئي آهي ته حاجي کي ميرو ۽ مٽي سان ڀريل حاضر ٿيڻ گھرجي، جڏهن ته افسوس! اسان پنهنجي بزرگن جي طريقي کي ڇڏي نهايت مهانگو ۽ بهترين لباس پائي ان مقدس سفر کي به دنيا جي باقي سفرن وانگر پڪنڪ جو ذريعو سمجھي ورتو آهي، اسان جا بزرگ ته ان ادا سان سفر جو عزم ڪندا هئا جو جيڪوانهن سان گڏ هلندو هو اهو به انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويندو هو، روئڻ ۽ خدا جي ياد ۾ مدهوش رهڻ انهن جو به معمول بڻجي ويندو هو. ڪاش! اسان کي به اهڙي ئي رقتِ قلبي سان گڏ ان پاڪ بارگاھ ۾ حاضري جي سعادت نصيب ٿي وڃي.

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مجلسِ رابطه بالعلماء والمشائخ

شيخِ طريقت اميرِ اهلسُنت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي