Book Name:Aashiqon ka Hajj

حبّ جاه جي لذت عبادت جي مشقت آسان ڪري ڇڏيندي آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان حڪايت جو هرگز اهو مطلب ناهي ته حضرت سيدنا ابو محمد مُرتَعِش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي والدهء محترمه جو حڪم نه مڃيو بلڪه ان جو حڪم صرف نفس تي ڳرو گذريو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو ذهن بڻائي ورتو ته ايترن سالن تائين حج جهڙي مشڪل عبادت، مون صرف نفس جي ڌوڪي جو شڪار ٿي ڪري ادا ڪئي آهي.

ان حڪايت مان وڌيڪ اهو به معلوم ٿيو ته اسان جا بزرگ ڪهڙي مدني سوچ رکندا هئا ۽ ڪيتري ته عاجزيءَ جا پيڪر هئا۔ گھڻن جي عادت هوندي آهي جو اهي عام ماڻهن سان ته جهڪي جهڪي ملندا آهن ۽ انهن جي لاءِ باادب ٿي ويندا آهن، پر ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀينرن ۽ ٻار ٻچن سان انهن جو سلوڪ ڪاوڙ وارو، غير اخلاقي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سخت دل آزاريندڙ هوندو آهي۔ ڇو؟ ان ڪري جو عوام ۾ سهڻي اخلاق جو مظاهرو عام مقبوليت جو سبب بڻبو آهي، جڏهن ته گهر ۾ سهڻو سلوڪ ڪرڻ سان عزت ۽ شهرت ملڻ جي خاص اميد ناهي هوندي، ان ڪري اهي ماڻهو عوام ۾ تمام مٺڙا مٺڙا هوندا آهن۔

اهڙي طرح جيڪي اسلامي ڀائر ڪن مستحب ڪمن جي لاءِ وڌي ڪري قربانيون پيش ڪندا آهن، پر فرضن ۽ واجبن جي ادائگيءَ ۾ ڪوتاهيون ڪندا آهن، مثال طور؛ ماءُ، پيءُ جي اطاعت، ٻار ٻچن جي شريعت مطابق تربيت ۽ خود پنهنجي لاءِ فرض علم حاصل ڪرڻ ۾ غفلت کان ڪم وٺندا آهن، انهن جي لاءِ به هن حڪايت ۾ عبرت جا نهايت اهم مدني گل آهن۔ حقيقت اها آهي ته جن نيڪ ڪمن ۾ شهرت ملندي ۽ واھ واھ ٿيندي آهي،