Book Name:Aashiqon ka Hajj

سُني علماء ۽ مشائخ سان محبت جي نتيجي ۾ تبليغ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي ۾ هڪ شعبو “مجلسِ رابطه بالعلماء والمشائخ” جي نالي سان قائم آهي، ته جيئن ان جي ذريعي سُني علماءِ ڪرام ۽ مشائخِ عظام (آئمه مساجد، خطباء ۽ مدرسين) کي تبليغِ قرآن ۽ سُنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني خدمتن کان آگاھ ڪيو وڃي. انهن سان تعلقات مضبوط ڪري انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪيو وڃي ۽ انهن کان دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ معاونت حاصل ڪئي وڃي ۽ انهن جون دعائون حاصل ڪيون وڃن ۽ سُني مدرسن ۽ جامعات ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي ترڪيب بڻائي وڃي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مَچی ہو

12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 ٻارنهن مدني ڪمن اڳتي وڌي حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ روزانه جو هڪ مدني ڪم ”چوڪ درس“ به آهي. اڄڪلهه جهڙي طرح اسان جي معاشري ۾ هر طرف گناھن جو راڄ آهي، اهڙي طرح بازار به انهن گناهن کان محفوظ نه آهي. بلڪه اُتي به گناهن جو نه رڪجڻ وارو سلسلو آهي. بدڪلامي، ڪوڙ، ڌوڪو، فراڊ، ڪوڙيون قسمون، بدنگاهي کان وٺي نمازون ڇڏڻ ۽ هڪ ٻئي جون غيبتون ڪرڻ سان گڏ هر قسم جي گناهن سان بازارون ڀريل