Book Name:Aashiqon ka Hajj

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! حرمين طيبين جي سفر جي سعادت جي تمنا هر هڪ عاشق جي دل ۾ هوندي آهي ۽ هئڻ به گھرجي. ڪجھ خوش نصيبن جون مُرادون پوريون ٿينديون آهن ۽ اهي بيتُ الله شريف جي زيارت ۽ حج جي ارڪان جي ادائيگي کان پوءِ روضهء رسول جي پُرڪيف جلون کان مستفيض ٿيندا آهن ۽ ڪجھ عاشقانِ رسول هر وقت مديني جي ياد ۾ بي چين رهندا آهن، بس انهن جي دل ۾ هڪ اها آرزو هوندي آهي ته!

اِذْن مل جائے گر مدینے کا

 

کام بن جائے گا کمینے کا

جا کے ان کو دِکھاؤں گا میں تو

 

زَخْمِ دل اور داغ سینے کا

قَلبِ عاشق اُٹھا دَھڑک اِک دَم

 

ذِکْر جب چِھڑ گیا مدینے کا

آنکھ سے اَشک ہوگئے جاری

 

جب چلا قافلہ مدینے کا

اس کی قسمت پہ رَشک آتا ہے

 

جو مُسافر ہوا مدینے کا

ہم کو بھی وہ بُلائیں گے اِک دن

 

اِذْن مل جائے گا مدینے کا

۽ جيڪي خوش نصيب حج ۽ عُمري جي سعادت حاصل ڪري مدينو شريف گُھمي ايندا آهن ۽ نظرن سان سونهري ڄارين کي چُمي ايندا آهن انهن جي محبت گهٽ ناهي ٿيندي بلڪه اڃا وڌي ويندي آهي ۽ هر وقت مديني جي جُدائي ۾ بي قرار رهندا آهن ڄڻ ته اُهي زبانِ حال سان هيئن چئي رهيا هوندا آهن.

مدینے ہمیں لے گیا تھا مُقدَّر

 

مدینے میں کیسا سُرور آ رہا تھا

نہ ہم کاش آتے یہاں لوٹ کر گھر

 

مدینے میں کیسا سُرور آ رہا تھا