Book Name:Aashiqon ka Hajj

اهي ڏکيا هئڻ باوجود آسانيءَ سان ٿي ويندا آهن، ڇو ته حبِّ جاه (يعني شهرت ۽ عزت جي چاهت) جي ڪري ملڻ واري لذت وڏي کان وڏي تڪليف ختم ڪري ڇڏيندي آهي۔ ياد رکو! حبِّ جاھ ۾ تباهي ئي تباهي آهي۔ عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پيش آهن؛

(1) الله عَزَّوَجَلَّ جي اطاعت (يعني عبادت) کي ٻانهي جي طرفان تعريف جي محبت سان ملائڻ کان بچندا رهو۔ ائين نه ٿئي جو توهان جا عمل برباد ٿي وڃن۔ (فردوس الاخبار ج 1 ص 223 حديث 1567)

(2) ٻه بکايل بگهڙ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ايتري تباهي نه ٿا مچائن جيتري تباهي مال ۽ عزت جي چاهت (يعني مال ۽ دولت، عزت ۽ شهرت جي چاهت) مسلمان جي دين ۾ مچائي ٿي۔ (ترمذي ج 4 ص 166 حديث 2383)

پنهنجي وات سان پنهنجي تعريف ڪرڻ!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته ماڻهن کي ڏيکارڻ، پنهنجي واھ واھ ڪرائڻ ۽ معاشري ۾ عزت ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ عمل ڪرڻ کان پاڻ کي بچايون ۽ صرف رضاءِ الٰهي جي خاطر ثواب حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آخرت بهتر بڻائڻ جي لاءِ نيڪيون ڪريون. اسان جا بزرگ رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جڏهن حج ۽ عُمري جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته واپسي تي به اخلاص ۽ استقامت سان گڏ خوب خوب الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪندا هئا.

موڪل جي اجازت جي منتظر نوجوان کي بشارت

حضرت سيدنا ذُوالنُّون مصري عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ القوي ڪعبي شريف وٽ هڪ جوان کي ڏٺو جيڪو لاڳيتو نماز پڙهي رهيو هو ۽ بيهڻ جونالو ئي نه پيو وٺي۔ موقعو ملندي ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي فرمايو ڇا ڳالهه آهي جو