Book Name:Aashiqon ka Hajj

آهي، شيخن تعجب ڪندي هارون رشيد جي وزير کان پڇيو: توهان مسڪينن وانگر شڪل بڻائي بغير جُوتن جي جهنگن ۽ ميدانن مان پنڌ سفر ڇو فرمايو؟ انهن جواب ڏنو: توهان ٻڌايو هڪ ٻانهو جڏهن پنهنجي مولا جي دروازي تي حاضري ڏي ان جي ڇا ڪيفيت هئڻ گھرجي؟ آئون پنڌ هلي ڪري حاضر ٿيو آهيان، حق ته اهو هو ته مٿي جي ٻَل تي هلي اچان ها. (البحر العميق، ص ۳۱۹)

حرم کی زمیں اور قدم رکھ کے چلنا

اَرے سَر کا مَوقع ہے او جانے والے

(حدائقِ بخشش ص:۱۵۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته حضرت عبدُاللہ اِبنِ مَسروق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن سفرِ مڪه جي لاءِ روانه ٿيا ته نهايت خسته حالت ۾ پيرين اُگھاڙي حرم جي طرف هلي پيا، جڏهن سبب پڇيو ويو ته ڪيترو پيارو جواب عطا فرمايو ته جڏهن هڪ غلام پنهنجي مولا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿئي ته حق هي آهي ته مٿي جي ٻَل تي هلي اچان ها، آئون ته پنڌ حاضر ٿيو آهيان. يقينًا ان عظيم الشان بارگاھ جي لاءِ مناسب به هي آهي ته ٻانهو اُتي وڃي ته شاهي ۽ تڪبرانه انداز نه هجي بلڪه عاجزي ۽ انڪساري سان گڏ حاضري جي سعادت حاصل ڪري. حديثِ پاڪ ۾ به ان جي ترغيب ملي ٿي. جيئن ته بارگاھِ رسالت ۾ ڪنهن عرض ڪيو: يارَسُول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حاجي کي ڪيئن هئڻ گھرجي؟ ارشاد فرمايو: مٿوکنڊڙيل، ميرو.

(شرح السنہ للبغوي، ڪتاب الحج، باب وجوب الحج …الخ ،ج۴،ص:۹،حديث: ۱۸۴۰)