You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

پاڪ مان ڪو اهڙو لفظ نالي جي لاءِ منتخب ڪندا آهن جنهن جي معنوي خرابي جي ڪري نالي طور استعمال نٿو ڪري سگهجي۔ مثال طور پاڪستان جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ عورت جيڪا ٿورو قرآن ڪريم پڙهڻ ڄاڻي ٿي ان کي ٽي هڪ ٻئي پٺيان ڌيئرون پيدا ٿيون، ان پاڻ کي لکيو پڙهيو سمجھندي ڇوڪرين جا نالا تجويز ڪرڻ جي لاءِ قرآن ڪريم مان سوره ڪوثر جو انتخاب ڪيو۔ اهڙي ريت ان پنهنجي وڏي ڌيءَ جو نالو ڪوثر رکيو، ٻي جو نالو وانحر تجويز ڪيو ۽ ٽين جو نالو ابتر مقرر ڪيو۔ ڪوثر جي معنٰي ته نالي جي لحاظ کان گھڻي حد تائين درست به آهي پر وانحر جي معنٰي آهي ”۽ توهان قرباني ڪريو“ جڏهن ته آخري لفظ اَبۡتَرۡ جي معنيٰ آهي: ”خير (ڀلائي) کان محروم رهڻ وارو“ جيڪو ڪنهن به لحاظ کان نالي رکڻ جي لاءِ مناسب ناهي پر جھالت جو ڪهڙو علاج؟ اهڙي طرح هڪ ڇوڪريءَ جو نالو رکيو ويو مُذَبۡذَبِيۡن۔ پڇيو ويو: اهو ڪهڙو نالو آهي؟ جواب مليو ته قرآن شريف ۾ آهي حالانڪ مُذَبۡذَبِيۡن جو لفظ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيو جيڪي ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ لڏي رهيا آهن نه خالص مؤمن ۽ نه خالص ڪافر آهن. (خزائن العرفان ص 196) دارالافتاء اهلسنّت دعوتِ اسلامي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته مون کي ڪنهن فون تي ٻڌايو ته ان پنهنجي ڌيءَ جو نالو قرآن مان ڪڍي رکيو آهي جڏهن نالو پڇيو ويو ته چيائين: ”زانيه“ (نعوذ بالله من ذٰلک) اهڙي ريت هڪ شخص پنهنجي پٽ جو نالو ”خَنّاس“ رکيو۔

 (والعياذ بالله)

          بهرحال اهڙن ماڻهن کي اصلاح جي طور ڪجھ چيو وڃي

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION