Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
(6) اِطۡلَال (7) اِطۡرَاف (8) قُمۡرَه (9) غَوۡثَة يا غَوۡثِيَّة (10) ۽ هڪ ٻڪري جو نالو يُمۡن هو۔ (سبل الهدٰي و الرشاد ج 7 ص 412)
حضور پاڪ، صاحب لولاڪ، سياح افلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي تلوار جنهن جو مُٺيو ۽ مُٺيي جا پاسا ٻئي چاندي جا هئا ان جو نالو ”ذُوالۡفِقَار“ هو، ڪمان جو نالو ”سَداد“ ترڪش (تير رکڻ جو خوپو) جو نالو ”جُمَع“ زِره جيڪا ٽامي سان جڙيل هئي ان جو نالو ”ذَاتُ الفُضُول“، ”نبعاء“ نالي نيزو، هڪ ڍال جو نالو ”ذَقَن“ ۽ هڪ اڇي رنگ جي ڍال جنهن جو نالو ”موجز“ هو، چٽائي جو نالو ”ڪَزۡ“، لٺ جو نالو ”نمر“ مشڪيزي جو نالو ”صادر“ ۽ آئيني کي ”مدله“ چيو ويندو هو، قينچي جو نالو ”جامع“ ۽ تلوار جو نالو ”ممشوق“ هو۔
(معجم ڪبير ج 11 ص 92 حديث: 11208، مجمع الزوائد ج 5 ص 495 حديث: 9408)
هڪ وڏو پيالو جنهن جو نالو ”سَعَة (ڪشادو)“ هو، ٻيو پيالو جيڪو تمام وڏو هو جنهن کي چار ماڻهو کڻندا هئا ان جو نالو ”غرَّاء (چمڪدار)“ هو۔ (الجامع الصغير جزء 2 ص 425 حديث 6859) ٽئين پيالي جو نالو ”رَيَّان (ڀريل)“، چوٿين جو نالو مغيث (مددگار) ۽ پنجين جو نالو ”مُضَيَّبۡ (چاندي سان جڙيل)“ هو جنهن تي چاندي جون تارون لڳل هيون۔
(فيض القديرحرف الڪاف،باب ڪان وهي شمائل شريفه ج 5 ص 226 حديث: 6857)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC