Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
ڪن ٿا ته ان جي والد پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي دور جاهليّت ۾ ان کي غيّان چيو ويندو هو، جڏهن اهو نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: غَيّان (نامراد) سرڪار نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن جو نالو ”رَشۡدان“ (ڪامياب) رکيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو ته تنهنجو اهل و عيال ڪٿي رهندو آهي؟ عرض ڪيائين: وادئ غَويٰ (نامراد وادي ۾)۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اهي ”رَشاد“ (ڪامياب وادي) ۾ رهندا آهن۔ (پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي بري نالي سان گڏوگڏ ان جي وادي جو برو نالو به بدلائي ڇڏيو) اهو شهر اڄ ڏينهن تائين ”رَشاد“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي۔[1]
(الاصابة ج 2 ص 403 رقم: 2660)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
هڪ غزوي ۾ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ”بَيۡسان“ نالي کاري پاڻي جي چشمي وٽان گذريا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
[1] سرڪارِ مدينه، سُرورِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مبارڪ ادا کي ادا ڪندي شيخ طريقت، امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ڪن شهرن جا نالا (تنظيمي طور تي) تبديل ڪيا آهن مثال طور سيالڪوٽ جو نالو پنهنجي پير و مرشد سيدي قطب مدينه مولانا ضياءُ الدّين مَدَني عَـلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡوَالِی جي نسبت سان ”ضيا ڪوٽ“، فيصل آباد جو نالو محدّث اعظم پاڪستان حضرت علامه مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نسبت سان ”سردارآباد“، لاڙڪاڻي جو نالو مفتئ دعوت اسلامي مولانا محمد فاروق عطاري مدني عَـلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡوَالِی جي نسبت سان ”فاروق نگر“ ۽ حيدرآباد جو نالو محبوب عطّار مبلّغ دعوتِ اسلامي و رڪنِ شوريٰ حاجي زَم زَم رضا عطاري عَـلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡوَالِی جي نسبت سان ”زم زم نگر“ رکيو۔
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC