Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
مان محسوس ٿيندي هئي، جيڪڏهن ان جو نالو ناپسند فرمائيندا هئا ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي چهري مبارڪ مان ناپسنديدگي محسوس ٿيندي هئي۔ (ابوداوٗد ج 4 ص 25 حديث 3920)
مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان لکن ٿا: اسان وٽ پنجاب ۾ ڪجھ ڳوٺن جا نالا آهن: نورپور، مدينه، جمال پور، اهڙا نالا وڏا مبارڪ آهن، ڪن ڳوٺن جا نالا آهن، شيطانيه، خوني چڪ وغيره اهي سٺا نالا نه آهن۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڳوٺن جا بُرا نالا ناپسند فرمائيندا هئا۔
(مراٰة المناجيح ج 6 ص 264)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زمينن، وادين ۽ قبيلن جا برا نالا به تبديل فرمائي ڇڏيندا هئا۔ جيئن ته امام ابوداوٗد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا: پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عَفِرَة زمين (بنجر زمين) جو نالو خَضِرَه (سرسبز زمين) رکيو، شَعۡبُ الضَّلالَة (گمراهي واري وادي) نالي واديءَ جو نالو شَعۡبُ الۡهُديٰ (هدايت واري وادي) رکيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بَنُو زَنۡيَہ (حرام جو اولاد) جو نالو تبديل ڪري بَنُوۡ الرَّشَدَة (حلال زادو) رکيو ۽ بَنُو مُغۡوِيَہ (گمراھ ڪندڙ جاءِ) کي بَنُو رِشۡدَه (هدايت واري جاءِ) جو نالو عطا فرمايو۔ (ابوداوٗد ج 4 ص 376 حديث 4956)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرت وَهب بن عَمۡرو بن سعد بن وَهب الجُهَنِي بيان
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC