Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
(زياده فلاح ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارو) رکي۔ (راوي جو بيان آهي: مان نٿو ڄاڻان ته حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن نالن سان گڏ رافِع جو ذڪر فرمايو يا نه!) پڇيو ويندو ته برڪت آهي؟ ته ان جي جواب ۾ چيو ويندو نه۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهري پردي فرمائڻ تائين انهن نالن جي ممانعت ناهي فرمائي۔
(الادب المفرد ص 216 حديث: 833)
امام ابوجعفر طحاوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حديث پاڪ جي ان حصي ”جيڪڏهن مان آئنده سال تائين زندھ رهيس ته ضرور انهن نالن (يعني افلح، نافع، برڪت، يسار) کي رکڻ کان منع ڪندس۔ جي تحت فرمائن ٿا: ان ۾ هن ڳالھ تي دلالت آهي ته انهن نالن جو رکڻ حرام ناهي ڇوته جيڪڏهن حرام هجي ها ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ضرور ان جي رکڻ کان منع فرمائن ها ۽ منع فرمائڻ کي ٻئي وقت تائين مؤخر نه فرمائين ها ۽ هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ”پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منع ڪرڻ کان خاموش رهيا ايستائين جو سندن وصال ٿي ويو“ ان ۾ هن ڳالھ تي دلالت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي طرفان منع ٿيڻ انهن نالن کي شامل ناهي، جڏهن معاملو اهڙو آهي ته انهن نالن جو رکڻ مباح ٿيندو۔ (مشڪل الآثار ج 1 جزء 2 ص 208)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ويندا هئا ته ان جو نالو پڇندا هئا، جيڪڏهن ان جو نالو پسند فرمائيندا هئا ته خوش ٿيندا هئا ۽ اها خوشي سندن چهري مبارڪ
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC