Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
پٽ يا ڌيءُ جو نالو نهايت ئي بهترين هجي پر نالي جي حتمي انتخاب وقت لفظن جي ظاهري خوبصورتي جو ته لحاظ رکيو ويندو آهي پر ٻين پهلوئن تي توجُّهه ناهي ڏني ويندي، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اهل علم کان اهڙن اهڙن نالن جي معنيٰ پڇندا آهن جيڪا اُردو عربي يا فارسي ڪنهن به لغت ۾ ناهي ملندي، ظاهر آهي ته اهڙي طرح جو بي معنيٰ نالو رکڻ به مناسب ناهي۔
انهيءَ حوالي سان مدني گل عطا ڪندي صدرُ الشّريعه، بدرُ الطّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی بهار شريعت ۾ لکن ٿا: اهڙو نالو رکڻ جنهن جو ذِڪر نه قرآن مجيد ۾ هجي، نه حديثن ۾ هجي، نه مسلمانن ۾ اهڙو نالو رائج هجي، ان ۾ عالمن جو اختلاف آهي بهتر هي آهي ته نه رکي۔
(بهار شريعت ج 3 ص 603)
مدني مشورو آهي ته والد يا رشتيدار ٻار جي لاءِ جنهن به نالي جي چونڊ ڪن۔ پهريان ان جي باري ۾ مفتيانِ ڪرام يا علماءِ اهلسنّت دَامَتْ فُيُوضُهُم کان رهنمائي وٺو ۽ ان تي عمل به ڪريو۔ ﴿پنهنجي شرعي مسئلن جي حل لاءِ دارالافتاء اهلسنّت جي انهن نمبرن تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو: 5-03000220112 (وقت صبح 10 کان 4 بجي تائين، 1 کان 2 بجي تائين نماز ۽ طعام جي لاءِ وقفو، ۽ جمعي جي ڏينهن موڪل آهي ﴾
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! ص َـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC