Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
حضرت سيِّدُنا سَمُرَه بن جُنۡدُب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: پنهنجي غلام جو نالو نه يَسار رکو، نه رَباح، نه نَجِيۡح ۽ نه اَفۡلَح، ڇوته توهان پڇندؤ ته ڇا اهو اتي آهي؟ نه هوندو ته جواب ملندو: نه.
(مسلم ص 1181، حديث 2137)
مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان انهيءَ حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: غلام مان مراد مطلقًا ڇوڪرو آهي، چاهي پٽ هجي يا غلام يا ڪو ٻيو ۽ جنهن جو نالو رکڻ اسان جي وس ۾ هجي نهي تنزيهه جي آهي يعني اهو نالو بهتر ناهي۔ يَسَار جي معنٰي آهي: ڪشادگي، عُسر (تنگدستي) جو ضد۔ رَباح جي معنٰي آهي نفعو، نقصان جو ضد۔ نَجِيۡح جي معنٰي آهي: ڪامياب، فتحياب۔ اَفۡلَح جي معنٰي آهي: نجات وارو۔ اها ممانعت رڳو انهن نالن ۾ محدود ناهي بلڪ انهن جهڙن ٻين نالن جن جي معنٰي ۾ خوبي ۽ عمدگي هجي جيئن: ظفر، برڪت وغيره (اشعه) اهو نالو رکڻ بهتر آهي ان جو سبب خود بيان ڪري رهيا آهن۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 407)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرت سيِّدُنا جابر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪڏهن مان زندھ رهيس ته پنهنجي امت کي ان ڳالھ کان منع ڪندس ته ڪو پنهنجو نالو بَرَڪت، نافِع (نفعي ڏيڻ وارو) يا اَفۡلَح
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC