You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

بيعت حاصل ڪرڻ وارا آهن۔ سندن نالو غافل (غفلت وارو) هو، جڏهن اسلام قبول ڪيائون ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو ”عاقل“ (عقلمند) رکيو۔ (الاصابة ج 3 ص 466 رقم: 4379)

(6) مُطيع بن اسود جو نالو عَاصِي (نافرمان) هو، رسول الله        صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو مُطيع (فرمانبردار) رکيو۔

 (اسد الغابة ج 4 ص 485 رقم 4424)

(7) بنوغفار جو هڪ شخص نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ آيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان پڇيو ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ انهن عرض ڪيو: مُهان (معمولي انسان)۔ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بلڪ تون مُڪَرَّم (عزت وارو) آهين۔ (اسد الغابة ج 5 ص 271 رقم 5075)

(8) حضرت سيِّدُنا هِشام بن عامِر بن اُمَيَّہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو دور جاهليّت ۾ شهاب (باھ جو شعلو) هو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بدلائي ”هِشام“ (سخاوت) رکيائون۔ (اسد الغابة ج 5 ص 419 رقم 5372)

(9) حضرت سيِّدَتُنا ميمونه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو نالو بُرّه (نيڪي) هو، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو ميمونه (مبارڪ، نيڪ بخت) رکيو۔ (الاستيعاب ج 4 ص 468 رقم 3533)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٽن قسمن جا نالا نه رکو

          شارحِ بخاري علّامه ابن حجر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فتح الباري ۾ امام طبري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حوالي سان نقل ڪن ٿا:

          اهڙو نالو نه رکڻ گهرجي (1) جنهن جي معنٰي بُري هجي يا (2) ان ۾ نفس جي پاڪائي هجي يا (3) ان ۾ سَبّ (گار، توهين،

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION