You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

اهڙي قسم جا ڪيترائي نالا آهن جيڪي حضور انور    صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن رکيا حالانڪ انهن ۾ تزڪيي جو پهلو نمايان آهي:

(1) حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدنا ابواُمامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي سُتي ڏني، ان جو نالو سندن ناني حضرت اَسعد بن زُرَارَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نالي تي اَسعد رکيو، ان جي ڪنيت به ناني جي ڪنيت تي رکي ۽ انهن کي برڪت جي دعا ڏنائون۔ حضرت ابواُمامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ 100ھ ۾ 92 سال کان وڌيڪ عمر ماڻي فوت ٿيا۔ (الاستيعاب ج 1 ص 176 رقم: 33، الاصابة ج 1 ص 326 رقم: 414)

(2) حضرت سيدنا زاهد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شمار يَمَني صحابه ۾ ٿئي ٿو، پاڻ فارسي هئا، سندن نالو يزيد (ظالم، سخت دل) هو سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو زاهد (عبادت گذار، دنيا کان بي رغبت ۽ آخرت جي طرف رغبت رکڻ وارو) رکيو۔

(الاصابة ج 6 ص 529 رقم: 9336)

(3) حضرت سيِّدُنا ابو هُود سعيد بن يَرۡبُوۡع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ”صَرۡم“ (بي برڪت) هو، سرڪارِ مدينه، سلطان باقرينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو سعيد (برڪت وارو) رکيو۔

 (اسد الغابة ج 2 ص 470 رقم: 2102)

(4) حضرت سيِّدُنا عُفَيۡف رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو عازِب (غير شادي شده) هو. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو ”عُفِيۡف“ (عفيف (پاڪدامن) جي تصغير) رکيو۔  (الاصابة ج 4 ص 427 رقم: 5604)

(5) حضرت سيِّدُنا عَاقِل بن البُڪَيۡر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ قديم الاسلام مهاجر صحابي آهن، دار ارقم ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪرڻ وارا ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کان شرفِ

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION