بُرّھ نالو تبديل ڪري جويريه رکيو
You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

بُرّھ نالو تبديل ڪري جويريه رکيو

حضرت سيدتنا جويريه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جو نالو پهريان بُرَّه (نيڪي ڪرڻ واري) هو سرڪار نامدار، مديني جي تاجدار       صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن جو نالو بدلائي ڪري جويريه رکيو هو، پاڻ پسند نه ڪندا هئا: خَرَجَ مِنْ عِنْدِ بُرَّة يعني فلان بره وٽان هليو ويو۔ (مسلم ص 1182 حديث 2140)

          قاضي سليمان بن خلف الباجي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ  الـلّٰـهِ الۡھَادِی فرمائن ٿا: ڪنهن جي نالي جي منع هجڻ جا ٻه سبب هوندا آهن يا ان ۾ نفس پاڪائي هوندي يا ان جي لفظ ۾ ڪا خرابي هوندي جيئن خَرَجَ مِنْ عِنْدِ بُرَّة يعني فلان بُرَّه وٽان هليو ويو“ ۾ آهي۔

 (المنتقيٰ شرح مؤطا امام مالڪ ج 9 ص 455، ملخصًا)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جن نالن ۾ گھٽ تزڪيو هجي اهي رکي سگهجن ٿا

    رُوح المعاني ۾ آهي: ظاهر هي آهي ته جن نالن ۾ تزڪيو (پاڪائي) هوندو آهي اهي مڪروھ ان صورت ۾ هوندا جڏهن ته انهن ۾ تمام گھڻو تذڪيو محسوس ٿيندو هجي مثال طور جڏهن نالي جي حديث ۾ ممانعت آئي، ان کان پهريان به تزڪيه تي ان جي دلالت واضح هجي ۽ اهو تزڪيي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هجي تنهن ڪري جن نالن ۾ زياده تعريف محسوس نه ٿيندي هجي جيئن سَعِيد (بَرَڪت وارو، سعادتمند۔ اهو هڪ صحابي جو نالو به آهي) ۽ حَسَن (سٺو، جيڪو رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو ڏُهٽو آهي) ته اهڙا نالا رکڻ مڪروھ ناهن۔ (تفسير روح المعاني جزء 27، ص 91)

         

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION