Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجھ ارشاد نه فرمايو، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مشورو قبول ڪرڻ مستحب آهي واجب ناهي، ان ڪري انهيء عرض تي اعتراض ناهي { حزن (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جا پٽ مسيّب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن، سعيد بن مسيّب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ڏاڏي جو اثر اسان پوٽن تائين باقي رهيو، ان مان خبر پئي ته برن نالن جو برو اثر ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن هڪ شخص جي غلطيءَ سان پوري خاندان تي اثر ٿيندو آهي۔ (مراة المناجيح ج 6 ص 424، 425)
مفتي شريف الحق امجدي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی انهيءَ حديث جي شرح ۾ لکن ٿا: حضور اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو تبديل ڪرڻ بطور مستحب هو ۽ نيڪ فال جي ڪري هو، ڪنهن جو نالو رکڻ ۾ لغوي معني جي مناسبت جو لحاظ ناهي هوندو ان واقعي ۾ حضور اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڳالهه نه مڃڻ جي ڪري اثر پيو۔ (نزهة القاري ج 5 ص 593)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اهڙا نالا جن ۾ تزڪيه نفس ۽ خودستائي (يعني پنهنجي واکاڻ) نڪري انهن کي به حضور اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بدليو هيو، برّه (نيڪ صالحه) جو نالو زينب (هڪ خوبصورت ٻوٽو) رکيو ۽ فرمايو ته پنهنجي نفس جو تزڪيو (وڏائي) نه ڪريو۔
(مسلم ص 1182 حديث 2142)
شمس الدين (دين جو سج) زين الدين (دين جي زينت) محي الدين (دين کي زنده ڪرڻ وارو) فخر الدين (دين جو فخر) نصير الدين (دين جو مددگار) سراج الدين (دين جو چراغ) نظام الدين (دين
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC