You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

(24) حضرت سيِّدُنا مُهاجِر بن اَبُواُمَيَّہ بن مُغِيرَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صحابي آهن، اُمّ المؤمنين حضرت سيِّدتُنا اُمّ سلمہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا سڳا ڀائر هئا، سندن نالو وليد (هيئنر پيدا ٿيل، نوڪر) هو۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو نالو ناپسند فرمايو ۽ ان جو نالو مُهَاجِر (هجرت ڪرڻ وارو) رکيو۔ (اسد الغابة ج 5 ص 292 رقم: 5127)

(25) حضرت سيِّدُنا عبدالعزيز بن بدر بن زيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صحابي آهن، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ پنهنجي قوم جا قاصد بڻجي آيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: عبدُالعُزّيٰ (عزيٰ ”ڪافرن جي بت جو نالو“ جو ٻانهو) سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو بدلائي ”عبدالعزيز“ (غالب ۽ طاقتور جو ٻانهو) رکيو۔

 (الاستيعاب ج 3 ص 127 رقم: 1719)

(26) حضرت سيِّدُنا ابوالمطرف سليمان بن صرد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو اسلام کان پهريان يَسَار (خوشحالي، ڪشادگي) هو، رسول اڪرم، نور مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو سليمان رکيو۔ (الاستيعاب ج 2 ص 210 رقم: 1061)

(27) حضرت سيِّدَتُنا حَسَّانَہ مُزَنِيَّہ جو نالو جَثَّامہ (سُست ۽ ڪاهل) هو، پاڻ اُمُّ المُؤمنين حضرت سيِّدَتُنا خديجة الڪُبٰري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جون سهيليون هيون، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حَسَّانه (تمام حسين و جميل) نالو عطا فرمايو۔ (اسد الغابة ج 7 ص 73 رقم: 6842)

(28) حضرت سيِّدَتُنا عُنۡقُودَه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو نالو عِنَبه (انگور) هو، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو ”عُنۡقُودَه“ رکيو۔

 (اسد الغابة ج 7 ص 226 رقم: 7147)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION