You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

ڪِنۡدي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مبارڪ زماني ۾ پيدا ٿيا، سندن نالو قليل هو، نَبِيِّ مُعَظَّم، رسول مُحتَرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو ڪثير رکيو۔

(اسد الغابة ج 4 ص 485 رقم: 4424)

(19) حضرت سيِّدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جي ڀيڻ اُمّ عاصم جو نالو عاصِيَہ (نافرمان عورت، گهاٽو وڻ) هو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو جَمِيۡله (الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل سان نيڪين ڪرڻ واري، خوبصورت) رکيو هو۔ (اسد الغابة ج 4 ص 485 رقم: 4424)

(20) حضرت سيِّدُنا ڪثير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو قليل (ننڍو ۽ ڪمزور جسم وارو ماڻهو) هو، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو ڪثير (وافر، زياده) رکيو۔ (اسد الغابة ج 4 ص 483 رقم: 4419)

(21) حضرت سيِّدُنا مسلم بن عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن نالو پڇيو ته عرض ڪيائون: شِهاب (باھ جو شعلو) بن خَرُفَه۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (ان جو ۽ ان جي والد جو نالو تبديل ڪيو ۽) ارشاد فرمايائون: تون مسلم بن عبدالله آهين۔  (اسد الغابة ج 2 ص 610 رقم: 2453)

(22) حضرت سيِّدُنا مُطِيع بن اسد بن حارثه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو عاص (نافرمان) هو، سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو مُطِيۡع (فرمانبردار) رکيو۔ (مسند امام احمد ج 5 ص 253 حديث 15408)

(23) حضرت سيِّدُنا ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ هڪ شخص آيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ اهي چوڻ لڳا: نَڪِرَه (اجنبي)۔ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بلڪ تون معروف (مشهور) آهين۔ (الاصابة ج 6 ص 142 رقم: 8152)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION