Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان انهيءَ حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: سٺي نالي جو اثر نالي واري تي پوندو آهي، سٺو نالو اهو آهي جيڪو بي معنٰي نه هجي جيئن بُدهوا، تَلوا وغيره ۽ (نالي ۾) فخر ۽ تڪبُّر به نه هجي جيئن بادشاھ، شهنشاھ وغيره ۽ نه بري معنٰي وارو هجي جيئن عاصي وغيره۔ بهتر هي آهي ته انبياءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ السَّلام يا حضور عَـلَيْهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي صحابه عظام، اهل بيتِ اطهار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جي نالن تي نالو رکي جيئن ابراهيم، اسمٰعيل، عثمان، علي، حسن ۽ حُسين وغيره، عورتن جو نالو آسيه، فاطمه، عائشه وغيره ۽ جيڪو پنهنجي ٻار جو نالو محمد رکي اهو اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ بخشيو ويندو ۽ دنيا ۾ ان جون برڪتون ڏسندو. (مراٰة المناجيح ج 5 ص 30)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
ڇوڪرو يا ڇوڪري (خاص طور تي پهرئين اولاد) جي پيدائش کان بعد عام طور تي قريبي رشتيدارن مثال طور ڏاڏيءَ، نانيءَ، پڦيءَ، ماسي، چاچي وغيره جو اِصرار هوندو آهي ته ان جو نالو مان رکندس ۽ هر ڪو پنهنجي پسند جو نالو به چونڊي ايندو آهي جيڪڏهن والد راضي هجي ته ان ۾ به حرج ناهي پر اهم ڳالھ هي آهي ته نالو رکڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن ديني معلومات جي ڪمي جي سبب ٻارن جا اهڙا به نالا رکندا آهن جيڪي شرعًا ناجائز هوندا آهن يا جن جون معنائون سٺيون ناهن هونديون، اهڙن نالن کان بهرحال بچڻ گھرجي۔ والدين جي خواهش هوندي آهي ته ان جي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC