You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

انهن جو نالو راشد (هدايت وارو) رکيو۔ (اسد الغابة ج 2 ص 221 رقم: 1570) 

(13) حضرت سيِّدُنا ابو مُڪۡنِف زيد الخير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ”زيد الخيل“ (وڏائي، خودپسندي ۾ وڌڻ وارو) مان بدلائي ”زيدالخير“ (ڀلائي ۽ نيڪي ۾ وڌڻ وارو) رکيو۔ (الاستيعاب ج 2 ص 127 رقم: 866)  

(14) حضرت سيِّدُنا سَعۡد بن قَيس عَنَزِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ ڪريمن    صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: توهان جو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائون: سعدالخيل (گھوڙن ۾ برڪت وارو) فرمايو: بلڪ تون سعدالخير (نيڪي ۾ برڪت وارو) آهين۔ (الاصابة ج 3 ص 60 رقم: 3199)

(15) ابوداوٗد شريف ۾ آهي هڪ شخص جو نالو حرب (جنگ) هو، سرڪار والا تبار، اسان بيڪسن جي مددگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو سَلۡم (امن) رکيو۔ (ابوداوٗد ج 4 ص 376 حديث: 4956)

(16) غزوه خندق جي موقعي تي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خندق جي کوٽائي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به انهن سان ڪم ۾ شامل رهيا، انهن صحابه ڪرام    عَـلَيْهِمُ  الرِّضْوَان ۾ جُعَيۡل (بدصورت ۽ ڪارو ماڻهو) نالي هڪ شخص هو، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو ”عَمۡرو“ رکيو۔

(اسد الغابة ج 1 ص 425 رقم: 766) 

(17) حضرت سيِّدُنا شريد بن سُويد ثَقَفِيّ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو مالڪ (ملڪيّت وارو) هو، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تبديل ڪري شَريد (ڊوڙي اچڻ وارو) رکيو، بيعت رضوان جي شرڪاء منجهان آهن۔ (اسد الغابة ج 2 ص 599 رقم: 2430) 

(18) حضرت سيِّدُنا ابوعبدالله ڪَثِيۡر بِن صَلۡت بِن مَعۡدِيۡڪَرِب

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION