You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

هو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ”ابوجَهل“ (جهالت وارو) رکيو۔

 (مراٰة المناجيح ج 6 ص 420)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعَالٰـی عَلٰی   مُـحَـمَّد

اهي نالا جيڪي سرڪارِ مدينه صَلَّی اللہ تعالٰی علیہ واٰلہٖ وسلَّم تبديل فرمايا

(1) هڪ صحابي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا جن جي چهري تي زخم جا نشان هئا، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان نالو پڇيو، انهن عرض ڪيو: مُنۡذِر (ڊيڄارڻ وارو)۔ فرمايائون: تون اَشَج (زخمي پيشاني وارو) آهين۔ (اسد الغابة ج 2 ص 89 رقم: 1297)

(2) حضرت سيِّدُنا بشير بن خصاصِيَّة رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ”زَحۡم“ (رڪاوٽ وجھڻ وارو) هو، بشير (خوشخبري ڏيڻ وارو) نالو رکيائون۔

(اسد الغابة ج 1 ص 289 رقم 455)

(3) حضرت سيِّدُنا سِراج رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو فَتۡح (ڪاميابي) هو، بدلائي سِراج (ڏيئو) رکيائون۔ (الاستيعاب ج 2 ص 242 رقم: 1136)

(4) هڪ صحابي جو نالو پهريان ”اَسۡوَد (ڪاري رنگ وارو)“ هو، بدلائي اَبۡيَض (سفيد رنگ وارو) رکيائون۔ (جمع الجوامع ج 14 ص 439 حديث: 11343)

(5) حضرت سيِّدُنا ابواليمان بشر يا بشير بن عقربه جُهَنِّي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي والد سان نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، نالو پڇيائون ته عرض ڪيائون: بَحِيۡر (علم، گھڻي مال وارو)۔ فرمايائون: نه بلڪ تنهنجو نالو بشير (خوشخبري ڏيڻ وارو) آهي۔  (الاصابة ج 1 ص 434 رقم: 671)

(6) حضرت سيِّدُنا ابوعِصام بشير حارثي ڪعبي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو اَڪۡبر (سڀ کان وڏو) هو۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: تون بشير (خوشخبري ڏيڻ وارو) آهين۔

 (اسد الغابة ج 1 ص 288 رقم: 454)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION