You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

شعلي کي به چوندا آهن ۽ ڪِرندڙ تاري کي به جنهن سان شيطان کي به ماريو ويندو آهي پر ”مرقات“ ۾ آهي ته جيڪڏهن شهاب کي دين جي طرف مضاف ڪيو وڃي ۽ نالو هجي شِهَابُ الدِّين ته ڪراهت قطعًا ناهي بنا ڪراهت جي جائز آهي۔ (مرقاة ج 8 ص 530) ڇو ته هاڻي اها فاسد معنٰي نڪري وئي، معنٰي ٿي چمڪدار، تنهن ڪري ڪراهت نه رهي۔ (مراٰةُ المناجيح ج 6 ص 421)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

برو نالو تبديل ڪري ڇڏيندا هئا

          اُمُّ المؤمنين حضرت سيِّدتُنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا کان روايت آهي ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بُري نالي کي تبديل ڪري ڇڏيندا هئا۔ (ترمذي ج 4 ص 382 حديث: 2848)

          مفسّر شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّان انهيءَ حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: يعني حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انسانن جا، جانورن جا پر شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا بدلائي سٺا نالا رکندا هئا۔ جيئن ته هڪ شخص جو نالو ”اَسۡوَد (يعني ڪارو)“ هو، حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن جو نالو اَبۡيَض (يعني سفيد) رکيو۔ مدينه منوره جو نالو يَثۡرَب (ويران جاءِ، ڪنڊن واري زمين) هو، حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو مدينه (جمع ٿيڻ جي جاءِ)، طَيِّبَہ (بهتر مٽيءَ وارو شهر، آفتن کان محفوظ شهر)، اَبۡطَح (ڪشاده جاءِ جتان سيلاب جو پاڻي گذرندو هجي) بَطۡحَہ (ڪشاده زمين) وغيره رکيا۔ ڪافرن جي لاءِ برعڪس عمل هو، جيئن ته ”اَبُوالۡحَڪَم“ (دانائيءَ وارو) نالو

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION