Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
نڪري وڃڻ وارو) ۽ حُباب (شيطان جو نالو، نانگ جو هڪ قسم) جا نالا تبديل فرمايا۔ شِهاب (باھ جو شعلو) جو نالو هِشام (سخاوت)، حَرۡب (جنگ) جو نالو سَلۡم (صلح) ۽ مُضطَجِع (سمهڻ وارو) جو نالو مُنۡبَعِث (اٿڻ وارو) رکيو۔ (ابوداود ج 4 ص 376 تحت الحديث 4956)
مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْحَنَّان انهيءَ حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: ڇوته عَاص مُخَفَّف آهي عاصي جو، جنهن جي معنٰي آهي گنهگار، اطاعتِ الٰهي کان الڳ، اهو مؤمن جو شان ناهي، مؤمن اطاعت شعار هوندو آهي۔ عَتَلَہ ورتل آهي عَتۡلٌ جنهن جي معنٰي آهي سختي، شدّت۔ ربّ عَزَّوَجَلّ فرمائي ٿو:
| عُتُلٍّۭ بَعۡدَ ذٰلِکَ زَنِیۡمٍ ﴿ۙ۱۳﴾ (پ 29 القلم 13) | ترجموڪنزالايمان: بد خوف ان کان وڌيڪ هي ته سندس اصل ۾ رولو. |
هاڻي هڪ مضبوط اوزار کي عَتَلَہ چوندا آهن جنهن سان ڀت وغيره کي کوٽيو وڃي (يعني ڪوڏر) مسلمان سخت ناهي ٿيندو ۽ عَزِيۡز اَسماءِ الٰهيه مان آهي، عزت مان ورتل آهي، مسلمان ۾ عاجزي ۽ انڪساري هئڻ گھرجي۔ شيطان ابليس جو لقب آهي، شَيۡط مان ورتل آهي جنهن جي معنٰي آهي سڙڻ، هلاڪ ٿيڻ يا شَطۡن مان جنهن جي معنٰي آهي ڀلائي کان دوري۔ حَڪَم صفت مشبهه حڪومت يا حُڪۡم جي معنٰي آهي دائمي حڪومت وارو، هي ربّ تعاليٰ جي صفت آهي۔ غُراب ورتل آهي غُرۡب مان جنهن جي معنيٰ آهي دوري، اهو ڪانوَ جو نالو آهي جو اهو گھڻو پري تائين نڪري ويندو آهي۔ حُبَاب شيطان جو نالو به آهي ۽ هڪ قسم جي نانگ کي به چوندا آهن تنهن ڪري اهو نالو منحوس آهي ۽ شِهاب باھ جي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC