Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻن ماڻهن کي ڏاچي جو کير ڏُهڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ يَعِيۡش نالي شخص کي ان جي اجازت عطا فرمائي ته هي بدشگوني جي باب مان ناهي اهو ته صرف نالي کي سٺو يا برو سمجھڻ جي معنٰي ۾ آهي۔ سٺو نالو پسند ڪرڻ ائين آهي جيئن بدصورت عورت تي خوبصورت کي پسند ڪرڻ، ميرن ڪپڙن جي ڀيٽ ۾ صاف سٿرن ڪپڙن کي اختيار ڪرڻ، جمعي ۽ عيدن ۾ سٺي هيئت ۽ عمده خوشبو پسند ڪرڻ ته معلوم ٿيو جو اسلام خوبصورتي جي خلاف ناهي بلڪ اهو ته زينت اختيار ڪرڻ کي جائز قرار ڏئي ٿو ۽ نالن وغيره ۾ عمدگي کي پسند ڪري ٿو۔ (المنتقيٰ شرح مؤطا امام مالڪ ج 9 ص 457 ملخصًا)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
گھڻين حديثن مان ثابت آهي ته حضورِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترائي نالا تبديل فرمايا۔ حضرت سيِّدُنا عُتبه بن عبد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ جڏهن ڪو شخص ايندو هو جنهن جو نالو اوهان کي ناپسند هوندو هو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو تبديل ڪري ڇڏيندا هئا۔ (جمع الجوامع ج 5 ص 421 حديث 16151) عظيم محَدِّث حضرت امام ابوداوٗد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عَاص (گنهگار)، عَزِيۡز (غالب، طاقتور)، عَتَلَه (شدّت ۽ سختي)، شيطان (هلاڪ ٿيڻ وارو، ڀلائي کان پري)، حَڪَم (دائمي حڪومت وارو)، غُراب (ڪانوَ، پري
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC