You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

بُري نالي جو اثر

   اميرالمؤمنين حضرت سيِّدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ شخص کان ان جو نالو معلوم ڪيو: چوڻ لڳو منهنجو نالو جَمۡرَه (چڻنگ) آهي، فرمايائون: ڪنهن جو پٽ؟ چيائين: ابنِ شِهاب (باھ جو شعلو) جو، فرمايائون: ڪن ماڻهن مان آهين؟ چيائين: حُرَقَہ (سڙڻ) مان، فرمايائون: تنهنجو وطن ڪٿي آهي؟ چيائين: حَرَّةُ النَّار (باھ جي تپش) ۾، فرمايائون: ان جي ڪهڙي جاءِ تي؟ چيائين: ذاتِ لَظيٰ (شعلي) ۾، فرمايائون: پنهنجي گھر وارن جي خبرچار وٺ سڀئي سڙي ويا، ته ائين ئي ٿيو جيئن حضرت سيِّدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو هو (يعني ان جو سمورو خاندان سڙي چڪو هو) (مؤطا امام مالڪ ج 2 ص 454 حديث 1871)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سٺن نالي واري کان ڪم ڪرايو

   سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڏينهن هڪ ڏاچي گھرائي ۽ فرمايو: ان کي ڪير ڏُهندو؟ هڪ شخص عرض ڪيو: مان۔ (ان کان) پڇيائون: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو: مُرَّةٌ (يعني ڪَڙو) فرمايائون: تون ويهي رھ۔ هڪ ٻيو شخص اٿي بيٺو۔ نالو پڇيائون ته ان پنهنجو نالو جَمۡرَه (يعني ٽانڊو) ٻڌايو، ان کي به ويهڻ جي لاءِ فرمايائون۔ پوءِ حضرت سيِّدُنا يَعِيش غِفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اٿي بيٺا ۽ نالو پڇڻ تي يعيش (يعني زندگي گذارڻ وارو) پوءِ ارشاد ٿيو: تون ڏاچي کي ڏُھ۔ (المعجم الڪبير ج 22 ص 277 حديث: 710)

          قاضي سليمان بن خلف الباجي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION