Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
تي مشتمل هڪ نالو نه رکيو وڃي۔ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: ٻن ٻن ٽن ٽن نالن تي مشتمل نالو رکڻ جيئن محمد علي حسين ان جو به رواجِ سَلَف (يعني بزرگن ۾ رواج) ڪڏهن نه هو سادا هڪ لفظ وارا نالا هوندا هئا۔ (وَاللّٰهُ تَعَالٰى اَعْلَم)
(فتاوٰي رضويه ج 24 ص 669)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪري جو نالو ڇوڪرين وارو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ڇوڪرن وارو رکيو ويندو آهي۔ نالو اهڙو هجي جنهن کي ٻڌندي ئي معلوم ٿي وڃي ته اهو ڇوڪريءَ جو نالو آهي يا ڇوڪري جو! مثلًا ڇوڪريءَ جي لاءِ خديجه ۽ ڇوڪري جي لاءِ قاسم نالو رکيو وڃي۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: مسلمان کي منع آهي ته ڪافرن جو نالو رکي کَمَا صَرَّحُوْا بِہِ فِی التَّسَمِّی بِیُوْحَنّا وغيره (جيئن ته يُوحَنّا نالو رکڻ جي متعلق فقهاءِ تصريح فرمائي آهي) (فتاوٰي رضويه ج 23 ص 260) هڪ ٻي جاءِ تي نقل ڪن ٿا: نالن جو هڪ قسم ڪافرن سان خاص آهي جيئن جِرجِس، پُطرُس ۽ يُوحَنّا وغيره۔ تنهن ڪري اهڙي قسم جا نالا مسلمانن جي لاءِ رکڻ جائز ناهن ڇوته ان ۾ ڪافرن سان مشابهت ٿئي ٿي۔ والله تعاليٰ اعلم (ت) (فتاوٰي رضويه ج 24 ص 663)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC