You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نالو ڪڏهن رکجي؟

افضل هي آهي ته ستين ڏينهن ٻار جو عقيقو ڪيو وڃي ۽ نالو رکيو وڃي، عقيقو ڪرڻ کان پهريان نالو رکڻ به جائز آهي۔ (نزهة القاري ج 5 ص 430) حضرت سيِّدُنا عَمرو بن شعيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻار جي پيدائش جي ستين ڏينهن ان جي نالي رکڻ جو حڪم ارشاد فرمايو۔        

 (ترمذي ج 4 ص 380 حديث: 2841)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نالو ڪير رکندو؟

          نالي رکڻ جي بنيادي ذميداري ٻار جي والد تي آهي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اولاد جو والد تي اهو حق آهي ته ان جو سٺو نالو رکي ۽ سٺو ادب سيکاري۔

(شعب الايمان ج 6 ص 400 حديث: 8658)

          حضرت علّامه عبدالرؤف مَناوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی ان حديث جي تحت نقل ڪن ٿا: امت کي سٺو نالو رکڻ جو حڪم ڏيڻ ۾ هن ڳالھ تي تنبيھ آهي ته ماڻهوءَ جا ڪم ان جي نالي مطابق هئڻ گھرجن ڇوته نالو انسان جي شخصيّت جي لاءِ جسم وانگر هوندو آهي ۽ ان جي شخصيّت جي عڪّاسي ڪندو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪمت هن ڳالھ جو تقاضو ڪري ٿي ته نالي ۽ ڪم ۾ مناسبت ۽ تعلّق هجي۔ نالي جو اثر شخصيّت تي ۽ شخصيّت جو اثر نالي تي ظاهر ٿيندو آهي۔ (فيض القدير ج 3 ص 522 تحت الحديث: 3745)

    

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION