Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
حضرت مولانا نور محمد عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الصَّمَد ۽ حضرت مولانا سيد قناعت علي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی اهي ٻئي حضرات، مجدد دين و ملّت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي سچي عاشق رسول جي صحبت بابرڪت ۾ رهي علمِ دين جي بي بها دولت حاصل ڪري رهيا هئا۔ هڪ ڀيري مولانا نورمحمد عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الصَّمَد سيد سڳوري جو نالو وٺي پڪاريو: ”قناعت علي، قناعت علي!“ جڏهن سيِّدُالسَّادات عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جن جي عاشق صادق جي ڪنن تي اهو آواز پهتو ته پسند نه ڪيائون جو خاندان رسول جي شهزادي کي اهڙي طرح نالو وٺي پڪاريو وڃي۔ هڪدم مولانا نورمحمد صاحب کي گھرايائون ۽ فرمايائون: ”ڇا سيدزادن کي اهڙي طرح پڪاريو ٿا! ڪڏهن مون کي به اهڙي طرح پڪاريندي ٻڌو آهي؟ (يعني مان ته استاد آهيان تڏهن به ڪڏهن اهڙو انداز ناهي اختيار ڪيو)“ اهو ٻڌي مولانا نورمحمد صاحب ڏاڍا شرمنده ٿيا ۽ ندامت منجهان نگاهون جهڪائي ڇڏيائون۔ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: ”وڃو! اڳتي خيال رکجو۔“ (حياتِ اعليٰ حضرت ج 1 ص 183)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني واري آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادن کي ادب سان پڪارڻ گھرجي۔ ڪن علائقن ۾ سيدزادن کي ”شاھ صاحب، شاھ جي“ جڏهن ته باب المدينه ڪراچي ۽ ڪن ٻين جاين تي ”باپُو“ چئي سڏيو ۽ لکيو ويندو آهي۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC