Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
بزرگان دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ المُبِیۡن جي ذڪر ۾ به ادب و احترام جو لحاظ رکڻ ضروري آهي چاهي اهي ظاهري حياتي سان متصف هجن يا دنيا مان پردو ڪري چڪا هجن۔ نالي کان پهريان ”حضرت سيِّدُنا“ جڏهن ته نالي کان بعد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وغيره دعائيه ڪلمات جو استعمال ڪرڻ گھرجي، ۽ مختلف بزرگان دين جي لاءِ مخصوص لقبن جو لکڻ ۽ ڳالهائڻ به عين سعادت آهي مثال طور: حضرت سيِّدُنا امام اعظم ابوحنيفه نعمان بن ثابت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قطب ربّاني، محبوب سبحاني، حضرت سيِّدُنا غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني قُدِّسَ سِرُّ ہُ النُّورَانِی وغيره۔ جيڪي بزرگان دين حيات هجن انهن جي لاءِ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه وغيره دعائيه ڪلمات استعمال ڪرڻ گھرجن۔ جڏهن هڪ بزرگ جو ذڪر ٿئي ته رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه، ٻه هجن ته رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمَا جڏهن ته ٻن کان زياده هجڻ جي صورت ۾ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم، خاتون بزرگ هڪ هجي ته رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها، ٻه هجن ته رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمَا جڏهن ته ٻن کان زياده جي لاءِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهن چوڻ ۽ لکڻ گھرجي۔ بزرگن جي نالن سان گڏ دعائيه ڪلما لکڻ ۾ ياد اچڻ تي هم قافيه لفظ استعمال ڪرڻ سان تحرير و تقرير ۾ ڪشش پيدا ٿيندي آهي مثال طور حضرت سيِّدُنا علّامه شامي سان ”قُدِّسَ سِرُّ ہُ السَّامی“ ۽ سيدنا شيخ عبدالحق مُحدّث دِهلوي سان ” عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القَوِی“
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
علماءِ ڪرام و مفتيان عظام ۽ قابلِ احترام ديني شخصيتن
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC