You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

          صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي مبارڪ نالي کان پهريان ”حضرت سيِّدُنا“ ۽ جيڪڏهن صحابيه هجن ته ”حضرت سيِّدَتُنا“ جڏهن ته نالن کان پٺيان تعداد ۽ جنس جي مناسبت سان دعائيه ڪلمات جو استعمال ڪرڻ گھرجي۔ مرد صحابي هڪ هجي ته  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ، ٻه هجن ته رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جڏهن ته ٻن کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم صحابيه خاتون هڪ هجي ته  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا، ٻه هجن ته رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جڏهن ته ٻن کان وڌيڪ جي لاءِ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُنَّ چوڻ ۽ لکڻ گھرجي۔

          مختلف صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي نالن سان مخصوص لقبن ۽ خطابن جو استعمال به عين سعادت آهي مثال طور: حضرت سيِّدُنا ابوبڪر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ صدّيق اڪبر، حضرت سيِّدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ فاروق اعظم، حضرت سيِّدُنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ ذوالنورين، حضرت سيِّدُنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ شيرِخدا، حضرت سيِّدُنا خالد بن وليد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ سيفُ الله وغيره۔

          جيتوڻيڪ اسان جي معاشري ۾ عام طور تي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو استعمال صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي لاءِ هوندو آهي جڏهن ته اولياءِ ڪرام لاءِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه استعمال ڪيو ويندو آهي پر ياد رکو! شرعي لحاظ کان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو استعمال صحابي ۽ غير صحابي ٻنهي جي لاءِ جائز آهي۔

 (وڌيڪ تفصيل جي لاءِ ڏسو فتاوٰي رضويه ج 23 ص 390)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION