Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
والدين جي شڪايت ڪندو ته انهن منهنجو نالو نه رکي مون کي ضايع ڪري ڇڏيو۔ حضرت سيِّدُنا اَنس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مون سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي فرمائيندي ٻڌو: ڪچي ٻار جو به نالو رکو ڇو ته ان جي سبب الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي ميزان واري پلڙي کي ڳرو ڪندو، بيشڪ ٻار قيامت جي ڏينهن عرض ڪندو: اي منهنجا ربّ! انهن منهنجو نالو نه رکي مون کي ضايع ڪري ڇڏيو۔ (ڪنزالعمّال جُز 16 ص 175 حديث: 45207)
”سِقط“ يعني ڪچي ٻار جي وضاحت ڪندي مفتي احمد يار خان نعيمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: عربي ۾ ”سِقۡط“ انهيءَ ٻار کي چئبو آهي جيڪو ڇهه مهينا پورا ٿيڻ کان پهريان ماءُ جي پيٽ مان نڪري وڃي۔ (مراٰة المناجيح ج 2 ص 519)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1254 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهارِ شريعت (جلد 1)“ جي صفحي 841 تي آهي: ٻار زنده پيدا ٿيو يا مئل ان جي خلقت (يعني پيدائش) مڪمل ٿئي يا اڻ مڪمل بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو ۽ قيامت جي ڏينهن ان جو حشر ٿيندو (يعني اٿاريو ويندو) (درمختار ج 3 ص 153، بهارِشريعت ج 1 ص 841) ڇوڪرو پيدا ٿئي ته ڇوڪرن جهڙو ۽ ڇوڪري پيدا ٿئي ته ڇوڪرين جھڙو نالو رکيو وڃي ۽ معلوم نه ٿي سگهي ته ڇوڪري آهي يا ڇوڪرو ته اهڙو نالو رکيو وڃي جيڪو مرد ۽ عورت ٻنهي جي لاءِ ٿي سگهي ٿو۔ (بهار شريعت ج 3 ص 603) (مثال طور: راحت، نصرت، تسليم وغيره)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC