You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

  امام شرف الدّين نووي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القَوِی لکن ٿا: جنهن جو نالو معلوم نه هجي ان کي اهڙن لفظن سان سڏڻ گھرجي جنهن سان ان کي تڪليف نه ٿئي، ان ۾ ڪوڙ نه هجي ۽ نه ئي خوشامد مثال طور: اي ڀاءُ، اي منهنجا سردار، اي فلان، اي فلان ڪپڙي وارا، اي فلان جُتيءَ وارا، اي گھوڙي وارا، اي اُٺ وارا، اي تلوار وارا، اي نيزي وارا وغيره اهڙا لفظ جيڪي سڏڻ واري ۽ جنهن کي سڏيو وڃي ٻنهي جي حسبِ حال هجن۔ (الاذڪار، ص 231 ملخصًا)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سڏڻ ۽ ياد ڪرڻ جو انداز

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسلمان چاهي اهي اسان مان وڏا هجن يا ننڍا، انهن کي سڏڻ، ياد ڪرڻ ۾ انهن جي مقام ۽ مرتبي جو خيال رکيو وڃي ۽ انهيءَ مناسبت سان لفظن ۽ لقبن جو انتخاب ڪيو وڃي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عاليشان آهي: فَلَیْسَ مِنَّا مَنْ لَّمْ یَرْحَمْ صَغِیْرَنَا وَلَمْ یُوَقِّرْ کَبِیْرَنَا  يعني جيڪو اسان جي ننڍن تي شفقت نه ڪري ۽ اسان جي وڏن جي تعظيم نه ڪري ته اهو اسان مان ناهي۔ (ترمذي ج 3 ص 369 حديث: 1926)

          مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان         عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْحَنَّان يعني اسان جي جماعت مان يا اسان جي طريقي وارن مان يا اسان جي پيارن مان ناهي يا اسان ان کان بيزار آهيون اهو اسان جي مقبول ماڻهن مان ناهي، هي مطلب ناهي ته اهو اسان جي امت يا اسان جي ملت مان ناهي ڇوته گناھ سان انسان ڪافر ناهي ٿيندو۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 560)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION