Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
آهي ته هجرت کان پوءِ سڀ کان پهريان حضرت سيِّدُنا عبدالله بن زبير ۽ حضرت سيِّدُنا عبدالله بن خَبَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا پيدا ٿيا۔ سرڪار نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو عبدُالله رکيو ۽ خَبَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ابوعبدُالله ڪنيت عطا فرمائي۔ (الاستيعاب ج 3 ص 894 رقم: 1519 والاصابة ج 4 ص 64 رقم: 3666)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
جيتوڻيڪ معروف اهوئي آهي ته عام طور تي پٽ جي نالي تي ڪنيت رکي ويندي آهي پر جيڪڏهن ڪو ڌيءُ جي نالي تي ڪنيت رکڻ چاهي ته نه رڳو جائز بلڪ حديث مان ثابت آهي۔ حضرت سيِّدُنا ابومريم (نذير) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو بيان آهي ته مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اڄ رات مون کي ڌيءُ پيدا ٿي آهي۔ حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اڄ رات مون تي سوره مريم نازل ٿي آهي پوءِ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي ڌي جو نالو مريم رکيو ۽ منهنجي ڪنيت ابومريم رکي۔ (اسد الغابة ج 6 ص 300 رقم: 6240)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اَ لْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ! هن صدي جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيّت، بانيءِ دعوتِ اسلامي، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اهڙي بزرگ هستي آهن
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC