You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

حضرت سيّدُنا آدم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ڪنيت

          حضرت سيِّدُنا آدم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي هڪ ڪنيت ”ابومحمد“ آهي، ان جو سبب بيان ڪندي اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن نقل فرمائن ٿا: امام قسطلاني ”مواهب لدنيه و منح محمديه “۾ رسالي ميلاد ۽ امام علامه ابن طُغرُبَڪ کان ناقل ، مروي ٿيو: آدم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام عرض ڪيو: الٰهي! تو منهنجي ڪنيت ابومحمد ڇا جي لاءِ رکي؟ حڪم ٿيو: اي آدم! پنهنجو مٿو مٿي کڻ۔ آدم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام مٿو کنيو عرش ۾ محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو نور نظر آيو۔ عرض ڪيائين: الٰهي! اهو نور ڇا آهي؟ فرمايو: ھٰذَا نُوْرُ نَبِیٍّ مِّنْ ذُرِّیَّتِکَ اِسْمُہٗ فِی السَّمَاءِ اَحْمَد وَفِی الْاَرْضِ مُحَمَّدْ لَوْلَاہُ مَاخَلَقْتُکَ وَلَاخَلَقْتُ سَمَاءََ وَلَااَرْضًا اهو نور هڪ نبي جو آهي تنهنجي اولاد مان، ان جو نالو آسمان ۾ احمد آهي ۽ زمين ۾ محمد، جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته مان توکي پيدا نه ڪيان ها، نه ئي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيان ها۔                        

(المواهب اللدنيه ج 1 ص 35، فتاوٰي رضويه ج 30 ص 194)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪنيت عطا فرمائيندا هئا

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙي طرح ڪيترن مدني منن جا نالا رکيا اهڙي طرح ڪيترن خوشنصيبن کي ڪنيت به عطا فرمائي۔ حضرت سيِّدَتُنا حبِيبه بنت اَسۡعَد رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو بيان آهي ته جڏهن مون کي پٽ پيدا ٿيو ته ان کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت اقدس ۾ کڻي وڃي عرض

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION