Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
سيدنا هاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته جڏهن اهي پنهنجي قوم سان گڏ رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ ماڻهن کان ٻڌائون ته اهي انهن کي اَبُوالۡحَڪَم چئي سڏي رهيا آهن۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي گھرائي ارشاد فرمايو: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ ئي حَڪَمۡ (يعني فيصلي فرمائڻ وارو) آهي توهان جي ڪنيت اَبُوالۡحَڪَم ڇو آهي؟ انهن عرض ڪيو: جڏهن منهنجي قوم جو ڪنهن معاملي ۾ اختلاف ٿي وڃي ته اهي ماڻهو مون وٽ ايندا آهن ۽ مان جيڪو فيصلو ڪريان اهي ان تي راضي ٿي ويندا آهن۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو تمام سٺو آهي، ڇا توهان جو ڪو پٽ آهي؟ عرض ڪرڻ لڳا: شُرَيۡح، مُسۡلِم ۽ عبدالله آهن۔ ارشاد فرمايائون: انهن ۾ وڏو ڪير آهي؟ مون عرض ڪيو: شُرَيۡح۔ فرمايائون: ته پوءِ تنهنجي ڪنيت اَبُوۡشُرَيۡح آهي۔
(ابوداوٗد ج 4 ص 376 رقم: 4955)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
شرح السنّه ۾ آهي: بهتر هي آهي ته مرد پنهنجي وڏي پٽ جي نسبت سان ڪنيت رکي، جيڪڏهن پٽ نه هجي ته وڏي ڌيءُ جي نسبت سان۔ ائين عورت کي گھرجي ته پنهنجي وڏي پٽ جي نسبت سان ڪنيت رکي، جيڪڏهن پٽ نه هجي ته وڏي ڌيءُ جي نسبت سان۔ (شرح السنه ج 6 ص 394) ننڍي پٽ يا ڌي جي نالي سان ڪنيت اختيار ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
.
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC