You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

ڪنيت ان کي سڏڻ ۽ پڪارڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي ۽ ڪو ان جو برو لقب نه رکندو۔ (فيض القدير ج 3 ص 251 تحت الحديث 3116)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪنيت ياد ڪرڻ جي برڪت

          حضرت سيِّدُنا خِضۡرعَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ڪنيت ”اَبُو العَبّاس“ نالو ”بَليا“، والد جو نالو ”مَلۡڪان“ جڏهن ته لقب ”خِضۡر“ آهي جنهن جي معنٰي آهي سر سبز۔ حضرت سيِّدُنا خِضۡر  عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جتي تشريف فرما ٿيندا هئا اتي اوهان جي برڪت سان سائو گاھ ڦٽي پوندو هو ان جي لاءِ ماڻهو اوهان کي خضر چوڻ لڳا۔

          ڪجهه عارفن فرمايو آهي ته جيڪو مسلمان حضرت سيِّدُنا خِضۡر عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو ۽ ان جي والد جو نالو، سندن ڪنيت ۽ لقب (يعني ابوالعباس بليا بن ملڪان الخضر) ياد رکندو اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جو خاتمو ايمان تي ٿيندو۔

 (صاوي ج 4 ص 1207 پ 15 الڪهف: 65)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪنيت شريعت جي مطابق هئڻ گهرجي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هڪ مسلمان جي لاءِ زندگي جي ٻين معاملن وانگر ڪنيت رکڻ ۾ به شريعت جو لحاظ رکڻ ضروري آهي ڇوته ڪي ڪنيتون اهڙيون به آهن جيڪي شرعًا ممنوع آهن۔ جيئن ته اسان جا مدني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترائي نالا تبديل فرمايا اهڙي طرح ڪجهه ڪنيتن کي به تبديل ڪيو۔ حضرت

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION