Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
گھٽ ٽي ڀيرا پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏيو۔
(شعبه اصلاحي ڪتب مجلس المدينة العلمية)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
نالي جو تعلّق صرف دنياوي زندگيءَ تائين ناهي بلڪ جڏهن ميدان محشر برپا ٿيندو ته انسان کي اُنهيءَ نالي سان مالڪِ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سڏيو ويندو جنهن نالي سان ان کي دنيا ۾ سڏيو ويندو هو، جيئن ته حضرت سيِّدُنا ابو درداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، حضورِ پاڪ، صاحب لولاڪ، سيّاح افلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔
(ابو داوٗد، ج 4 ص 374 حديث: 4948)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
ٻارن جو نالو رکڻ ايترو اهم آهي جو جيڪو ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ضايع ٿي وڃي ان جي به نالي رکڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي۔ حضرت سيدنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سرڪار نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: پنهنجي ڪچن ٻارن جو به نالو رکو جو اهي ڪچا ٻار توهان جي آڏو (اڳيان اڳيان هلڻ وارا يا اڳيان گذرڻ وارا) آهن۔
(ڪنزالعمّال جُز 16 /8,175 حديث: 45206)
هڪ حديث پاڪ ۾ ته ايتري تائين ارشاد ٿيو جو ڪچي ٻار جو نالو نه رکڻ جي صورت ۾ اهو بارگاھِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ ۾
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC