Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام ۾ ڪنيت جي اهميت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته * سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سميت ڪيترن ئي انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهُم الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام، گھڻن صحابه ۽ صحابيات عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان، لاتعداد علماء، فقهاء، محدثين ۽ بزرگان دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الۡمُبِین ڪنيت کي اختيار فرمايو۔ * بيان ڪيل شخصيتن مان ڪثير تعداد نه رڳو هڪ پر ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ ڪنيتون به رکيون۔ * ڪيترن صحابه ڪرام، صحابيات ۽ بزرگان دين جا اصل نالا عام مسلمانن کي معلوم ئي ناهن ۽ اهي حضرات نالي جي بدران پنهنجي ڪنيتن سان مشهور آهن۔ مثال طور حضرت سيِّدُنا ابوبڪر (عبدالله بن عثمان)، حضرت سيِّدُنا ابوهريره (عبدالرحمٰن)، حضرت سيِّدُنا ابوايوب انصاري (خالد بن زيد)، حضرت سيِّدُنا امام اعظم ابوحنيفه (نُعمان بن ثابت)، حضرت سيِّدُنا امام ابوداوٗد (سليمان بن اَشۡعَث) وغيره رَضۡوَانُ اللهُ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمَعِیۡن
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
جيتوڻيڪ مشهور اهو آهي ته جنهن جو اولاد هجي اهوئي ڪنيت رکي ليڪن اولاد نه هئڻ جي صورت ۾ به ڪنيت رکي سگهجي ٿي۔ رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙن صحابن کي به ڪنيت عطا فرمائي جن کي ان وقت اولاد نه هو۔ حضرت حمزه بن صُهيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته امير المؤمنين حضرت سيِّدُنا فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت حمزه
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC