Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
فرمائي رهيا هئا، چادر سندن پاسي تان هٽي وئي هئي ۽ پاسي مبارڪ تي مٽي لڳي وئي هئي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٽي صاف ڪندي فرمائڻ لڳا: قُمۡ يَا اَبا تُرَاب! قُمۡ يَا اَبا تُرَاب! اٿ! اي مٽي وارا! اٿ! اي مٽي وارا! (بخاري ج 1 ص 169 حديث: 441)
حضرت سيِّدُنا سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو بيان آهي ته حضرت سيِّدُنا علي المرتضٰي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجْهَهُ الْکَرِيْم جن کي سڀني نالن ۾ وڌيڪ محبوب اَبُوتُرَاب هو ۽ جڏهن انهن کي اَبُوتُرَاب چئي سڏيو ويندو هو ته ڏاڍا خوش ٿيندا هئا۔ (بخاري ج 4 ص 155 حديث 6204)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
شارح بخاري شمس الدّين محمد بن عمر بن احمد سفيري شافعي (المتوفيٰ 956هه) نقل ڪن ٿا: حضرت سيِّدُنا ابوذر غِفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪُنيت ابوذر ان جي لاءِ ٿي ته اوهان وٽ ماني رکيل هئي ته اوچتو ان تي ماڪوڙيون ظاهر ٿي ويون، پاڻ ماڪوڙين سميت ماني جو وزن ڪيو ته ان سان ماني جي وزن ۾ ڪو اضافو نه ٿيو۔ پاڻ ارشاد فرمايائون: انهن ماڪوڙين کي ڏسو! دنيا جي ميزان ۾ انهن جو ڪو اثر ظاهر نه ٿيو ۽ پلڙو ڳرو ناهي ٿيو! ليڪن آخرت جو ميزان وڏو هئڻ جي باوجود هلڪو آهي ۽ هڪ ماڪوڙيءَ جي سبب به وزن وڌي ويندو آهي۔ ان ڏينهن کان اوهان جي ڪنيت ابوذر رکي وئي۔ (شرح البخاري للسفيري ج 2 ص 44)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC