Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام ۾ جيئن هڪ مسلمان جي لاءِ نالي جي اهميّت آهي ۽ سٺي نالي رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي اهڙي طرح ڪُنيَت به اهميّت جي حامل آهي ۽ مسلمانن کي ڪُنيَت سان سڏڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي۔ حضرت سيِّدُنا حَنۡظَله بن حِذۡيَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا، سرڪار مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان ڳالھ کي پسند فرمائيندا هئا ته ڪنهن شخص کي ان جي پسنديده نالي ۽ ڪُنيَت سان سڏيو وڃي۔
(جمع الجوامع ج 14 ص 338-339 حديث: 10905)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اَلۡكُنۡيَةُ مَا صَدَرَ بِاَبۡ اَوۡ بِاُمۡ اَوۡ اِبۡن اَوۡ اِبۡنَة ڪُنيَت مان مراد اهو نالو آهي جيڪو ”اَبۡ، اُمۡ، اِبۡن“ يا ”اِبۡنَة“ سان شروع ٿئي۔ (التعريفات ص 132) مثال طور ابوالقاسم، ابوبلال، ابورجب ۽ ابنِ احمد وغيره۔
مرد جي ڪُنيَت ۾ ”اَبُو“ جو لفظ ايندو آهي جيتوڻيڪ ”اَبۡ“ جي لغوي معنٰي پيءُ آهي پر ڪُنيَت ۾ هر جاءِ تي ”اَبُو“ مان مراد پيءُ ناهي هوندو۔ حڪيم الامّت حضرت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ فرمائن ٿا: ڪُنيَت ۾ ”اَبُو“ ايندو آهي ان جي معنيٰ هر جڳھ والد ناهي هوندي بلڪ اڪثر جڳهين تي ان جي معنيٰ هوندي آهي: ”وارو“ جيئن ”اَبُوجَهۡل“ جهالت وارو، ”اَبُوهُرَيۡرَه“ ٻلين وارو، اهڙي طرح ”اَبُوالحَڪَم“ فيصلي ڪرڻ وارو، ”اَبُوبَڪۡر“ جي معنٰي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC